عقرب عورت ڪيئن هوندي آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عقرب عورت پنهنجي زندگي قسمت جي حوالي ناهي ڪندي پر هر ڪم کي هڪ منصوبي تحت ڪندي آهي.

هو پنهنجي زندگي ۾ جڏهن ڪا بنيادي تبديلي آڻيندي آهي يا پنهنجي مڙس کان ڌار ٿيڻ جهڙو ڪو فيصلو ڪندي آهي ته ان جو وڏو سبب اهو هوندو آهي ته هو پاڻ کي تباهي کان بچائڻ چاهي ٿي.

ان جي اندر هڪ ڳجهي طاقت هوندي آهي جيڪا هن کي ڪڏهن ڪڏهن زندگي سان جوا کيڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي جيتوڻيڪ جيڪڏهن هو چاهي ته پاڻ کي ان قسم جي خطرن کان بچائي سگهي ٿي.

جيتوڻيڪ هو تبديلين کي وڌيڪ پسند ناهن ڪنديون پر هو خطري ۾ پوڻ کانسواءِ ۽ تبديليون آڻڻ کانسواءِ رهي به نٿيون سگهن.

برجن جي نظام ۾ هڪ عقرب عورت شايد سڀ کان وڌيڪ عزم ۽ ارادي ۽ خوداعتمادي جي دولت سان مالامال هوندي آهي. هو پنهنجين انهن خوبين کان رڳو ان وقت محروم ٿيندي آهي جڏهن هو ڪنهن بحران ۾ مبتلا ٿي وڃي.

عقرب عورت پاڻ کي نمايان ڪرڻ لاءِعام طور تي سخت ۽ مسلسل جدوجهد ڪندي آهي.

هن جي رڳو ارادي واري قوت مضبوط ناهي هوندي پر هو مناسب موقعي مان فائدو کڻڻ جي صلاحيت به رکندي آهي. ان لاءِ پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ ايڏو ڏکيو مسئلو ناهي پر ڏکيو مسئلو اهو آهي ته هو پنهنجي مقصد لاءِ تعميري انداز ڪيئن اختيار ڪري.

هو پنهنجي حڪمراني ڪرڻ واري قابليت مان واقف هوندي آهي، هن کي خبر هوندي آهي ته هن جي مدد سان هو هر قسم جي رنڊڪن کي ختم ڪري سگهي ٿي.

حڪومت ڪرڻ عقرب عورت لاءِ هڪ کيل آهي جنهن ۾ سندس فتح يقيني هوندي آهي ڇو ته عقرب عورت ۾ خوداعتمادي، ثابت قدمي ۽ وجداني صلاحيت موجود هوندي آهي، ان لاءِ هو هڪ قابل انجنيئر ۽ ڊاڪٽر بڻجي سگهي ٿي.

هو ڪنهن اداري جي انتطاميا جي حيثيت سان به سٺي ذميواري نڀائي سگهي ٿي. هو ڪم ڪرڻ پسند ڪندي آهي ۽ ڪم کي سٺي نموني انجام به ڏيندي آهي.

هن جي ڪم جا هاڪاري نتيجا نڪرندا آهن ۽ فرض اعتماد سانانجام ڏيندي آهي. هو جيڏو وڌيڪ ڪم ڪندي آهي سندس خوداعتمادي وڌندي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.