جي 20 اجلاس، ڀارتي ليکڪه حڪومت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ليکڪا ۽ سجامي ڪارڪن ارونڌتي راءِ چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بائيدن ۽ فرانسيسي صدر ايمانول ميڪرون کي خبر آهي ته ڀارت ۾ ڇا ٿي رهيو آهي پر هو ان تي نه ڳالهائيندا.

ڀارت ۾ رٿيل جي 20 سربراهه اجلاس تي گھري نظر رکندڙ ارونڌتي راءِ پرڏيهي خابرو اداري کي وڊيو لنڪ ذريعي انٽرويو ڏنو ۽ ڀارت جي اقليتن جي حالت بابت ڳالهايو.

ليکڪه ۽ سماجي ڪارڪن ارونڌتي راءِ ڀارت ۾ اقليتن ۽ والاريل ڪشمير جي عوام جي حالتن ۽ سندن مسئلن بابت آواز اٿاريندي رهندي آهي.

هن چيو ته نئين دهلي ۾ جي 20 اجلاس لاءِ وڏي پيماني تي ۽ تڪراري مهم هلائي وئي، جنهن ۾ گھڻين ڪچين آبادين کي نشانو بڻايو ويو آهي انهن ۾ رهندڙ ماڻهو بي گھر ٿي ويا آهن. ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ ميزباني ڀارتي حڪومت پر ڀارتيا جنتا پارٽي ڪري رهي آهي.

ڀارتي حڪومت کي اقليتن سان ظالماڻي سلوڪ بابت سوال تي ارونڌتي راءِ چيو ته مون کي نٿو لڳي ته ڪنهن کي به اقليتن جي پرواهه آهي ڇو جو جي 20 سربراهه اجلاس ڀارت ۾ ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته هر ملڪ واپاري معاهدو يا فوجي سامان جو معاهدو ڪرڻ خواهشمند آهي، هتي ايندڙ ملڪن جي سربراهن کي سڀ خبر آهي ته ڀارت ۾ ڇا ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جهڙن ملڪن ۾ مين اسٽريم جي ميڊيا، ڀارت ۾ اقليتن (مسلمانن) سان جيڪو سلوڪ ٿي رهيو آهي ان تي گھڻي تنقيد ڪندي رهي آهي، پر حڪومتن جي ايجنڊا بلڪل مختلف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.