” گهرو معاملن ۾ پيءُ جون ڳالهيون مڃيندو آهيان، سياسي معاملن ۾ نه“

بدين ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گهرو معاملن تي آصف علي زرداري جون ڳالهين جو پابند آهي پر سياسي ۽ آئيني معاملن تي ڪارڪنن ۽ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي ( سي اي سي ) جي فيصلن جو پابند آهيان

بدين ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته مُلڪ ۾ جڏهن به معاشي بحران آيو آهي، 70 جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو ته ان وقت به پاڪستان ۾ معاشي بحران هو، مُلڪ ٽٽي چڪو هو.

سندس هو ته تڏهن به اٽي لٽي ۽ اجهي جو نعرو هنيو، پر ان تي عملدرآمد به ڪيو، اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ جڏهن بينظير ڀٽو حڪومت سنڀالي ته معاشي بحران هو، افغانستان جي جنگ ختم ٿي هئي، دنيا هن خطي مان واپس هلي وئي ۽ پاڪستان معاشي ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو.

هن چيو ته بينظير ڀٽو کي هڪ سال مليو ۽ ان عرصي ۾ هن مُلڪ کي معاشي بحران مان ڪڍيو ۽ پاڪستان جي نوجوان کي روزگار فراهم ڪيو ۽ اڄ به ڀٽو ۽ بينظير جو اڻپورو مشن مڪمل ڪرڻو آهي ۽ اٽي، لٽي ۽ اجهي جي دعويٰ پوري ڪرڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.