مراڪش زلزلي جي اڳڪٿي پهريان ئي ٿي چڪي هئي؟

رباط (ويب ڊيسڪ) ڇا مراڪش ۾ آيل زلزلي جي اڳڪٿي پهريان ئي ڪئي وئي هئي؟ ولنديزي ماهر جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا.
دنيا ۾ ڪٿي به زلزلو اچڻ بعد ولنديزي سيسمولوجسٽ فرينڪ هوگريبيٽس جو نالو سامهون نه اچي اهو ممڪن ناهي.
پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هن ڀيري به مراڪش ۾ آيل وڏي زلزلي جي اڳڪٿي اڳ ئي ڪئي وئي هئي؟
ڪجهه ڏينهن اڳ فرينڪ هوگريبيٽس سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي پوسٽ ڪندي ان زلزلي جي حوالي سان خبردار ڪندي ٻڌايو هو ته ان زلزلي جي شدت 8 ڊگري کان وڌيڪ ٿي سگھي پئي، جنهن جو سبب زمين، مريخ ۽ نيپچون جو هڪ لائين ۾ اچڻ ۽ انهن ٻن سيارن جي حوالي سان چنڊ جي پوزيشن هئي.
پوسٽ ۾ لکيو ويو هو ته اڄ عطارد ۽ زهرا ٻنهي سيارن جي ويجهڙائپ مشتري ۽ يورينس سان گڏ ٻن قمري ميلاپن سان ملي رهي آهي، 6 سيپٽمبر تي عطارد ۽ زهرا سان گڏ هڪ ٻيو ميلاپ ٿيندو آهي، جڏهن ته 5 کان 7 سيپٽمبر تائين ان جي نتيجي ۾ زوردار زلزلي جو امڪان آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهو ايندڙ 24 ڪلاڪن يا ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ آيو ته اهو 20 سالن ۾ ان شدت جو پنجون وڏو زلزلو هوندو.
هن تمام وڏي زلزلي جو امڪان ظاهر ڪندي چيو هو ته ان جي شدت ٽيڪٽونڪ دٻاءَ جي لحاظ سان 8 ڊگري کان وڌيڪ ٿي سگھي ٿي.
هن چيو ته شمسي نظام ۾ اسان مريخ ۽ نيپچون سان گڏ ٻٽي ساڄي رخ جي پوزيشن ڏسندا آهيون جنهن سان ان ڳالهه جو گھڻو امڪان آهي ته ٻن کان ٽن ڏينهن جي اندر، اسان هڪ طاقتور زلزلي جو شڪار ٿي سگھون ٿا، ماضي ۾ ائين ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ 24 ڪلاڪن يا ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اهو اچي ٿو ته اهو 20 سالن ۾ ان شدت جو پنجون وڏو زلزلو هوندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن مراڪش ۾ آيل زلزلي ۾ زمين ڌُڏي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 820 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.