” اڙي ماني به کائڻي آهي“ بابر اعظم جي وڊيو وائرل

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ماني جو ذڪر ڪري رهيو آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي جو ميچ سڀاڻي ڪولمبو ۾ شيڊيول آهي ۽ سموري دنيا موجود ڪرڪيٽ شوقين ان ميچ جو انتظار ڪري رهيا آهن.

ميچ جي تيارين جي سلسلي ۾ پريڪٽس سيشن کانپوءِ بابر اعظم جي هڪ مختصر وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ کيس نامياري ڀارتي صحافي وڪرانت گپتا سان ڳالهه ٻول ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو  ته وڪرانت گپتا بابر اعظم کي ڪجهه چئي رهيو آهي جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ڪپتان به کيس مسڪرائي جواب ڏيندي اڳتي نڪري وڃي ٿو.

بابر اعظم بس ڏانهن وڃڻ لڳي ٿو ته پٺيان آواز اچي ٿو ته ڪپتان ماڻي به کائڻي آهي، جنهن تي بابر اعظ۾ پنجابي ۾ وراڻي ٿو ته ” اوءِ روٽي وي کاڻي اي“ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.