ڀارت نه مڙيو، ايشيا ڪپ مذاق بڻجي ويو!

ايشيائي ٽيمن جو مها ميلو هائبرڊ ماڊل تحت پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ جاري آهي، جتي پاڪستان ٿيندڙ چار ئي ميچون ته خير خوبيءَ سان مڪمل ٿي چڪيون آهن پر ڀارت جي فرمائش تي سريلنڪا شفٽ ٿيل ميچون گهڻي قدر برسات سبب متاثر ٿي رهيون آهن جنهن ۾ سڀ کان اهم پاڪ-ڀارت مقابلو به شامل آهي جيڪو برسات سبب بنا نتيجي ختم ڪرڻو پيو هو.

هڪ پاسي ڪرڪيٽ تجزيي نگار ايشيا ڪپ جهڙي ايونٽ جي سريلنڪا منتقلي واري فيصلي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ انتظاميا پنهنجي هوڏَ تي قائم آهي ۽ مان نه مڃيا وارو راڳ الاپي رهي آهي، ان ڏس ۾ تازو پاڪستان ڪرڪيٽ بور جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف ان سلسلي ۾ بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جئه شاهه سان رابطو ڪيو ته سريلنڪا ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ايونٽ پاڪستان منتقل ڪيو وڃي پر ذريعن وٽان خبرون اچي رهيون آهن ته جئه شاهه پاڪستان جي آڇ ٿڏي ڇڏي ۽ تيز برساتن جي امڪان باوجود ايشيا ڪپ جون باقي ميچون ڪولمبو ۾ ڪرائڻ جي ضِد تي قائم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.