انٽرنيشل ميچ ۾ 115 واڌو رنسون، بالرن کان لائين لينٿ وسري وئي!

ڪنهن به ٽيم لاءِ عالمي ڪرڪيٽ ميچ دوران ايڪسٽرا ( واڌ ) رنز وڏي اهميت رکندا آهن ۽ ٽيمن جي ڪوشش هوندي آهي ته فيلڊنگ دوران گهٽ ۾گهٽ اضافي رنز ڏنيون وڃن.

گهٽي، پاڙي جي دوستاڻي ميچن دوران ته ايڪسٽرا رنسن جي ايتري اهميت ناهي هوندي پر جيڪڏهن عالمي سطح تي ميچ دوران ڏهه، ويهه نه پر سئو کان به وڌيڪ رنسون ڏنيون وڃن ته اِهوٻڌي حيرت سان گڏوگڏ ٽيمن جي پرفارمنسز جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو.

۽ وري جيڪڏهن ڳالهه ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل جي ته ان فارميٽ ۾ هڪ اضافي بال سڄي ميچ جو نقشو تبديل ڪري ڇيڏندو آهي.

اڄ اسان اوهان کي ويجهڙائي ۾ هڪ کيڏيل هڪ اهڙي عالمي مقابلي ٻڌائي رهيا آهيون جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن 105 وائيڊ بالن سان گڏ مجموعي طور 115 اضافي رنسون ڏئي هڪ بدترين رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

اِهو بدترين رڪارڊ يونان رومانيا ۽ لگسمبرس جي عورتن جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشل ميچ دوران قائم ٿيو.

رومانيا وومين ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ته جيئن مخالف ٽيم جي بيٽرز تي دٻاءُ وجهي سگهجي پر رومانيا جا بالرز پنهنجي لائين لينٿ تي ظابطو نه رکي سگهيا ۽ حد کان وڌيڪ اضافي رنسون ڏنيون

اهڙي طرح جڏهن رومانيا جي بيٽنگ آئي ته لگسمبرگ جي عورت بالرن به ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ جڏهن 106 هون وائيڊ بال هلايو ويو ته اضافي رنسن جو اڳوڻو بدترين رڪارڊ ٽٽي ويو.

ان کان اڳ ڪنهن عالمي ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڪسٽرا رنسن جو بدترين رڪارڊ 114 رنسن جو هو جيڪو چار سال اڳ مئڪسيڪو ۽ ڪوسٽاريڪا جي وومينز ٽيمن وچ ۾ ٿيل مقابلي دوران قائم ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.