يوٽيوب واهپيدارن لاءِ ٻه وڏيون تبديليون ڪري ڇڏيون

دنيا جي مشهور ترين وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب پنهنجي سروس ۾ ٻيڻ تي تبديليون ڪري سروس جي استعمال کي وڌيڪ بهتر بڻائي ڇڏيو.
رپورٽ موجب يوٽيوب ۾ هڪ نئين پلي ايلبز سيڪشن جو اضافو ڪيو پيو وڃي جنهن کانپوءِ واهپيدار ان سروس کي وڌيڪ بهتر ۽ نئين انداز سان استعمال ڪري سگھندا ۽ ان تبديلي کانپوءِ واهپيدارن لاءِ يوٽيوب ۾ گيمز کيڏڻ ممڪن ٿي ويندو.
اهو نئون فيچر اڃا محدود واهپيدارن کي دستياب آهي ۽ امڪاني طور تي ايندڙ هفتن يا مهينن ۾ ان کي سڀني لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
ٻيون فيچر يوٽيوب جي شيئرنگ مينيو جي حوالي سان آهي.
جڏهن واهپيدار موبائل تي يوٽيوب وڊيو کي لينڊ اسڪيپ موڊ تي ڏسي رهيا هوندا ته شيئرنگ آپشن فلوٽنگ بار جي شڪل ۾ اسڪرين جي وچ ۾ نظر ايندا، پر پورٽريٽ موڊ ۾ وڊيو ڏسندي شيئرنگ آپشن هيٺ موجود هوندا.
اهو فيچر به واهپيدارن لاءِ گھڻو ڪم جو ثابت ٿيندو جنهن سان انهن لاءِ لينڊ اسڪيپ موڊ مان نڪرڻ کانسواءِ وڊيو کي شيئر ڪرڻ ممڪن هوندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.