هدايتڪار جو ماڌوري کان نازيبا مطالبو، معاملو خراب ٿي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪارا، هدايتڪار، فلمساز ۽ ليکڪ تنو آنند ماضي ۾ هڪ فلم جي شوٽ دوران اداڪارا ماڌوري ڊڪشت کان بلائوز لاهي نازيبا لباس ۾ ڪيمرا آڏو اچڻ جي حيران ڪندڙ واقعي تان پردو کڻي ڇڏيو.
بالي ووڊ کي ”ڪاليا“ ۽ شهنشاهه“ جهڙيون سپر هٽ فلمون ڏيندڙ تنو آنند تازو ئي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ماڌوري ڊڪشت سان ٿيل تڪرار جي حوالي سان ٻڌائيندي ڪجهه اهڙا انڪشاف به ڪري ڇڏيا جن کي ڄاڻي بالي ووڊ مداحن جا هوش اڏي ويا آهن.
تنو آنند ٻڌايو ته هن 1989ع ۾ رليز ٿيل فلم ”شناخت“ ۾ اميتاڀ بچن سان گڏ ماڌوري ڊڪشت کي ڪاسٽ ڪيو هو، فلم ۾ هڪ سين هو جنهن ۾ اميتاڀ بچن کي زنجيرن ۾ ٻڌي رکيو ويو هو ۽ ڪجهه غنڊن هن تي حملو ڪيو هو.
واضح رهي ته ان فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي ملٽري آفيسر (اميتاڀ بچن) تي ٻڌل آهي جنهن جو جهاز ڪريش ٿي وڃي ٿو. ان حادثي ۾ ملٽري آفيسر جي حياتي ته بچي وڃي ٿي پر هو پنهنجو يادداشت وڃائي ويهي ٿو ۽ پوءِ هڪ ڪاليج جي شاگردياڻي (ماڌوري) ان جي سار سنڀال ڪري ٿي.
هن انڪشاف ڪيو ته ان سين ۾ ڏيکارڻو هو ته فلم جي هيروئن پنهنجي جي لاءِ پاڻ کي انهن غنڊن جي آڏو پيش ڪري ڇڏي ٿي ۽ انهي جي ڪري هيروئن يعي ماڌوري ڊڪشت کي شوٽ دوران پنهنجو بلائوز لاهيندي نازيبا لباس ۾ ڪيمرا جي آڏو اچڻو هو.
هن چيو ته ان سين جي حوالي سان ماڌوري ڊڪشت کي فلم جھ سائن ڪرڻ کان اڳ ئي ٻڌايو ويو هو ۽ هن اهو سين مڪمل تفصيل سان ٻڌڻ بعد ان فلم لاءِ حامي ڀري هئي.
هدايتڪار ٻڌايو ته اهو فلم جو پهريون ئي سين هو جنهن ڏينهن اهو شوٽ ٿيڻو هو ماڌوري سيٽ پهتي پر 45 منٽ گذرڻ باوجود پنهنجي ڊريسنگ روم کان ٻاهر نه آئي ته تنو آنند پاڻ هن وٽ ويو ۽ ڏٺو ته ماڌو اڃا تائين تيار به ناهي ٿي.
تنوٻڌايو ته هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو 7 ماڌوري کان سبب پڇيو جنهن تي هن چيو ته تنو آئون اهو سين نٿي ڪري سگھان آئون هن کي چيو ته نه هاڻ اوهان کي اهو سين ڪرڻو ئي پوندو، جنهن تي اداڪارا چيو ته نه آئون نه ڪري سگھنديس.
واقعي بابت وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي تنو چيو ته ان کان پوءِ جڏهن اميتاڀ سيٽ تي آيو ته هن مون کان پڇيو ته ڇا ٿي آهي؟ آئون کيس پورو معاملو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن تي اداڪار چيو ته ڇڏي ڏيو، جيڪڏهن ماڌوري کي اعتراض آهي ته اوهان ان ڳالهه تي جهيڙو نه ڪريو، پر آئون چيو ته ماڌوري کي ڪو اعتراض هو ته هو فلم سائن ڪرڻ کان اڳ ئي ٻڌائي ها.
سندس چوڻ آئون ماڌوري کي فلم مان ڪڍڻ جو سوچي ئي رهيو هيس ته ماڌوري جو سيڪريٽري آيو ۽ مون کي چيائين ته اوهان ٿورو وقت ڏيو ماڌوري سين ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ان کانپوءِ تنو ماڌوري کي فلم مان ڪڍڻ جو فيصلو تبديل ڪندي فلم جي شوٽنگ جاري رکي ۽ رڳو 5 ڏينهن ۾ ئي فلم کي مڪمل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.