ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، امام حسين عه ۽ سندن ساٿين جي چاليهي جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيا ويا، جيڪي مختلف رستن کان ٿيندي پڄاڻي تي پهتا.
ڪراچي ۾ نشتر پارڪ کان برآمد ٿيندڙ جلوس مختلف رستن کان ٿيندو حسينيه ايرانيا تي پڄاڻي تي پهتو، لاهور ۾ مرڪزي جلوس حويلي الف شاهه کان برآمد ٿي روايتي رستن کان ٿيندو ڪربلا گامي شاهه تي پڄاڻي تي پهتو.
پشاور، ڪوئيٽا، حيدرآباد، سکر سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ننڍا وڏا ماتمي جلوس ڪڍيا ويا، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.
ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ موبائل فون سروس پڻ بند رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.