مرڪزي علماءِ ڪائونسل دارالفتاء منافعي خوري لاءِ ڊالر ذخيرو ڪرڻ حرام قرار ڏئي ڇڏيو.
مرڪزي علماءِ ڪائونسل جي دارالفتاء ڊالر جي ذخيري اندوزي تي فتويٰ جاري ڪندي ان فعل کي حرام قرار ڏنو آهي.
مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان جي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مرڪزي علماءِ ڪائونسل جي مفتين مفتي سليم نواز، مفتي منظور احمد، مفتي رب نواز ۽ مفتي محمد سليمان گڏيل طور فتويٰ جاري ڪئي.
مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان جي دارالفتاء پنهنجي فتويٰ ۾ چيو ته مسلمان، خاص طور پاڪستاني شهري حرام منافعو حاصل ڪرڻ لاءِ غير شرعي طريقا استعمال نه ڪن پر حلال واپار کي هٿي ڏين.
فتويٰ ۾ چيو ويو ته ملڪ معاشي ۽ اقتصادي محاذ تي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ ڊالر خريد ڪري ذخيرو ڪرڻ ۽ اگهه وڌڻ تي ان کي وڪرو ڪري منافعو ڪمائڻ رياست سان بي وفائي جهڙو آهي.
فتويٰ موجب ڊالر کي خريد ڪري پاڻ وٽ رکڻ ۽ اگهه وڌڻ تي وڪرو ڪرڻ شرعي طور حرام آهي ۽ ان ۾ ملوث ماڻهو ڏوهي آهي، ڪنهن به ملڪ جي ڪرنسي پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ جائز آهي پر شريعت ۾ ذخيري اندوزي کي منع قرار ڏنو ويو آهي.
فتويٰ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن حڪومت فارن ايڪسچينج ڪمپنين تي محدود مقدار کان وڌيڪ ڊالر يا پرڏيهي ڪرنسي جي وڪري جي حوالي سان ڪا پابندي لاڳو ڪري ٿي ته شريعت جي حساب سان شهرين تي ان جي پابندي لازمي آهي.
فتويٰ ۾ تلقين ڪئي وئي آهي ته حلال واپار ڪيو، ذخيري اندوزي رياست سان بي وفائي آهي، شريعت ۾ ذخيري اندوزي کان روڪيو ويو آهي.
You might also like