مداحن کي پاڪستان ۾ ايشوريا راءِ لڀي وئي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار ۽ اڳوڻي مس يونيورس ’ايشوريا راءِ‘ سان مشابهت رکندڙ پاڪستاني عورت ڪنول چيما انٽرنيٽ تي طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستاني عورت ڪنول چيما جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هن جو مقابلو بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن جي ننهن ايشوريا راءِ سان ڪيو پيو وڃي پر هي عورت ڪير آهي؟

ڪنول چيما اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ٽاڪ آف دي ٽائون آهي اها ڪا عام عورت ناهي پر مائي امپڪٽ ميٽر جي باني ۽ وچ اوڀر ۽ آفريڪا ۾ پهرين عورت انجنيئر آهي.

آسٽريليا مان تعليم يافته ايشوريا راءِ جي پاڪستاني هم منصب ڪنول چيما اڪيلي عورت انجنيئر ۽ ڪمپيوٽر انفارميشن سسٽم ڪمپني جي ڊائريڪٽر رهي آهي.

تازو ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنول چيما پنهنجي اداڪارا سان مشابهت تي مايوسي جو اظهار ڪيو.

وائرل وڊيو ۾ رپورٽر ڪنول کان پڇيو ته ” اوهان جو ايشوريا راءِ سان مقابلو ڪرڻ ڪيئن ٿو لڳي؟“، جنهن تي ڪنول اعتراف ڪيو ته هن جي ڀيٽ بالي ووڊ جي سپر اسٽار سان ڪئي ويندي آهي پر هن کي اها ڳالهه بلڪل به پسند ناهي. .

ياد رهي ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪنول ايشوريا سان مشابهت رکي ٿي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.