ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلم اسٽار حمائما ملڪ عامر لياقت جي اڳوڻي زال بشريٰ اقبال جي بيان تي اڻ سڌي ريت رد عمل ڏنو آهي.
عامر لياقت جي اڳوڻي زال هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ پنهنجي اڳوني مڙس جي موت ۽ اڻ وڻندڙ وڊيوز ليڪ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو هو ته وڊيو ليڪ ٿيڻ بعد ڪنهن کي هڪ مرد جي عزت جو خيال نه آيو ۽ ماڻهن جي سوچ هوندي آهي ته عزت رڳوعورت جي هوندي آهي پر ائين ناهي، مرد جي به عزت هوندي آهي.
ان وڊيو ڪلپ تي حمائما ملڪ عامر لياقت جي نالي آڏو دل وارو ايموجي لڳائيندي لکيو ته واقعي عورت ڪارڊ جو استعمال سولو آهي، مرد به انسان آهي.
اداڪارا هڪ ٻي اسٽوري لکيو ته الله کان معافي گهرو ۽ ان دل سان جنهن ۾ الله وسي ٿو، مون کي منهنجي محبت ملي وڃي، اهو پوءِ منهنجو ٿي وڃي، هميسا اوهان جي دعائن جي درخواست آهي.
ياد رهي ته پاڪستاني صحافت جو وڏو نالو عامر لياقت 9 جون 2022 تي لاڏاڻو ڪري ويو هو.