ڪنڌڪوٽ ڌرڻو ۽ ايس ايس پي امجد شيخ

عطا الله ميمڻ

عطا الله ميمڻ
عطا الله ميمڻ

سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ڪو نئون مسئلو ناهي، تاريخ جا ورق کڻي ڏسو ته ضياءُ الحق جي آمريت جي دور ۾ سنڌ اندر ڌاڙيل ڪلچر جو ٻج پوکيو ويو هو، جيڪو هاڻ وڌي هڪ وڏي قديمي وڻ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، ان وڻ جا بنياد رڳو سنڌ نه پر ٻين صوبن پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه تائين پکڙجي چڪا آهن. ڪنهن شخص کي هڪ صوبي مان کنيو ويندو آهي ته اهو هٿ ٻئي صوبي مان ايندو آهي، ان ڪاروبار رڳو ملڪي نه پر عالمي ترقي به حاصل ڪئي آهي، ڪنهن کي ياد هجي يا نه ته اسان ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو پٽ ملتان مان اغوا ٿيو هو پر مليو افغانستان مان، مطلب ڀنگ لاءِ اغوا جو اهو ڌنڌو هاڻ هڪ عالمي صنعت جو روپ ڌاري چڪو آهي. ضياءُ الحق کانپوءِ ڪيتريون ئي حڪومتون وجود ۾ آهيون، جن ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيا، ظاهري طور ته اهي آپريشن ڪامياب ٻڌايا ويندا هئا پر حقيقت ۾ ان ڪاروبار جون پاڙون ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿينديون ويون، ڪڏهن ان ڪاروبار کي پوليس جي ستايل ماڻهن سان جوڙيو ويو ته ڪڏهن جاگيردارن جي ظلم جي ستايل ماڻهن سان ته ڪڏهن بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ماريلن کان ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪاروبار جي پبلسٽي ڪئي وئي. مختلف دورن ۾ ڪيترن ئي بدنام ڌاڙيلن پنهنجو دٻدٻو قائم ڪيو ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندا رهيا، رياست انهن کي برداشت ڪندي رهي جيستائين ان جي مفاد ۾ هو پر جڏهن اهي رياست خلاف ويا ته رياست انهن کي منطقي انجام تائين پهچايو، اهڙي ڪنهن هڪ نه سوين بدنام ڌاڙيلن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو، جيڪو رياست سان ٽڪرائڻ کانپوءِ جهنم ڀيڙا ٿيا، ملڪ ۾ جڏهن به ڌاڙيلن خلاف ڪو آپريشن ٿيو ته آپريشن جو محور سنڌ ۽ پنجاب جو سرحدي علائقو ئي هو، ڀلي اهو جنرل (ر) پرويز مشرف جو دور هجي، پ پ جي حڪومت هجي يا ن ليگ جو دور هجي، ڪيترائي ڀيرا فوجي آپريشن به ٿيا پر سمجهه ۾ ناهي ايندو ته سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي جي زمين ۾ اهڙي ڪهڙي ڪشش آهي جو اهي ڌاڙيل ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.
هاڻ گهڻو پري نٿا وڃون، سنڌ ۾ گذريل 15 سالن کان پ پ جي حڪومت رهي آهي ۽ سڄي سنڌ جو شايد ڪو اهڙو علائقو هجي بچيل هجي، جنهن جو جاگيردار يا وڏيرو پ پ ۾ شامل نه هجي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ آصف علي زرداري سنڌ ۾ پ پ جي سموري مخالفت ختم ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي سڀني جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پ پ ۾ شموليت يقيني بڻائي وئي آهي، 15 سالن جي دور ۾ اهي جاگيردار هاڻ ايترا بااثر ٿي ويا آهن جو انهن جي علائقي ۾ انهن جي اجازت کانپوءِ ڪير پکي به نٿو ماري سگهي، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پ پ جي حڪومتي دور ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿيڻ گهرجي ها پر 15 سالن اندر ان ڪاروبار ۾ جيڪا جدت ۽ ترقي آئي، اها سڀني لاءِ حيران ڪندڙ ۽ پريشان ڪندڙ ثابت ٿي آهي، سنڌ جي جنهن به علائقي مان ڪير اغوا ٿيندو آهي ته ان جا پيرا انهن ئي وڏيرن سان وڃي ملندا آهن. پ پ جي حڪومت ختم ٿئي هڪ مهينو به ناهي گذريو ته سنڌ ۾ هڪ نفرت جو طوفان برپا ٿي ويو آهي، هنڌ هنڌ پ پ خلاف احتجاج شروع ٿي ويا آهن ۽ روز نوان نوان محاذ کلي رهيا آهن، ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو به ان نفرت جي هڪ ڪڙي هئي، ڪنڌڪوٽ مان ٻريل نفرت جي چڻنگ سڄي سنڌ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ صوبي جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪاروبار ۽ سهولتڪارن خلاف ڌرڻا شروع ٿي ويا.
ڪنڌڪوٽ ۾ ڪيترائي ڏينهن ڌرڻو جاري رهيو، انهن جو هڪ ئي مطالبو هو ته مغوي آزاد ڪرايا وڃن ته احتجاج ختم ٿيندو، اهو واحد احتجاج هو، جنهن جي قيادت عوام پنهنجي هٿ ۾ کنئي هئي، ڪنهن سياسي يا قوم پرست پارٽي کي ان احتجاج تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويو پر عوام جي طاقت اڳيان سياسي پارٽين جا اڳواڻ به مجبور ٿيا ۽ انهن به خير سگالي طور ان احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. ڪنڌڪوٽ ڌرڻو هڪ هفتي تائين عالمي، قومي ۽ مقامي ميڊيا تي ڇانيل رهيو، ڪنڌڪوٽ جي ايس ايس پي امجد شيخ جا ڌرڻو هڻندڙن سان ڪيترائي ڳالهين جا دور هليا پر احتجاج ڪندڙن جو هڪ ئي مطالبو هو ته مغوين جي آزادي تائين ڌرڻو جاري رهندو. ڪنڌڪوٽ ۾ مقرر ايس ايس پي امجد شيخ هڪ سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسر تسليم ڪيو ويندو آهي، هيل تائين جتي جتي به سندس مقرري ٿي آهي ته ان علائقي ۾ امن رهيو آهي، اتي اسٽريٽ ڪرائم کان وٺي چوري چڪاري جي شرح انتهائي گهٽ رهي آهي، عوام ۾ ان جي مقبوليت جو هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته امجد شيخ سدائين عوام جي وچ ۾ رهندو آهي، ان جي آفيس عوام لاءِ هر وقت کليل رهندي آهي، منهنجي ذاتي طور ڪڏهن ان سان ملاقات ناهي ٿي پر هڪ صحافي طور عوام جي واتان سدائين ان لاءِ سٺا لفظ ئي ٻڌا آهن، هو سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پوليس سرپرست طور ايس ايس پي رهي چڪو آهي، جتان به ان بابت معلوم ڪيو آهي ته هڪ ئي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي ته هو هڪ سٺو آفيسر آهي پر ڪنڌڪوٽ ڌرڻي سبب سوشل ميڊيا تي ان خلاف هڪ سنگين قسم جي مهم شروع ٿي وئي، الزام هنيو ويو ته هن ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جي صورت ۾ احتجاج ڪندڙن کي گوليون هلائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، ايتري تائين ته امجد شيخ ڌاڙيل جي طرفداري ڪري رهيو آهي، جنهن جي هو پاڻ وضاحت ڪري چڪو آهي ته عوام ۽ منهنجو رشتو خاندان جيان آهي، اسان عوام جا خادم آهيون، عوام تي گولي هلائڻ جي حڪم جو سوچي به نٿو سگهان.
ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پوليس جا ڪجهه آفيسر مجرماڻي سرگرمين ۾ ملوث نڪتا آهن، جن جي ڇنڊ به پٽي ويندي آهي ۽ اهي محڪماڻي ڪارروائي کي به منهن ڏيندا آهن پر سڀ آفيسر هڪ جهڙا ناهن هوندا، امجد شيخ به هڪ روايتي آفيسر ناهي، هو ٻين آفيسرن کان مختلف آهي، هو عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سدائين اڳتي رهندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ٻين آفيسرن جي ڀيٽ ۾ هن هڪ عوام دوست ۽ ايماندار آفيسر طور سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي، اهڙي عوام دوست پوليس آفيسر خلاف من گهڙت ۽ ڪِريل مهم هلائڻ کي به شرم اچڻ گهرجي، هونئن ته ڪنڌڪوٽ واقعي جي حقيقت ڪجهه مختلف آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا ڪافي عرصي کان ڏسي رهيو آهيان، انهن معاملن جي ڪيترائي ڀيرا ڪوريج به ڪئي آهي، گهڻي پراڻي ڳالهه ناهي امجد شيخ کان اڳ ڪنڌڪوٽ جو ايس ايس پي عرفان سمون هو، جيڪو به هڪ مڃيل آفيسر هو پر ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور ۾ ايس ايس پي طور ان جي دور ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا گهڻي حد تائين وڌي چڪا هئا، ميڊيا ۾ هو مسلسل تنقيد کي منهن ڏئي رهيو هو، پوءِ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ان جي بدلي ڪري امجد شيخ کي ايس ايس لڳايو، ان جي مقرري کانپوءِ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪيترائي بدنام ڌاڙيل ماريا ويا ۽ ڪيترائي مغوي آزاد ٿيا، ماڻهن کي امن جي اميد نظر اچڻ لڳي پر هڪ ڏينهن ڪنڌڪوٽ جي هندو برادري جي معزز مکي جڳديش ۽ ان جي پٽ جئي ديپ کي اغوا ڪيو ويو، ان جي آزادي لاءِ پوليس جون ڪوششون جاري هيون ته اوچتو اهو ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو ڪنهن صورت غلط نه هو، پوليس تي دٻاءُ وڌي ويو، ماڻهو به ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن کان بازار ٿي چڪا هئا ته ان ڌرڻي هڪ ئي ڏينهن ۾ سڄي سنڌ ۾ شهرت ماڻي ورتي ۽ سڄي سنڌ ۾ ان جي حمايت ۾ احتجاج شروع ٿي ويا. ڌرڻي سبب جيڪي مغوي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پوءِ آزاد ٿيڻا هئا پوليس اهو ڪم 24 ڪلاڪن ۾ ڪري ڇڏيو ۽ ايس ايس پي امجد شيخ جڳديش ۽ ان جي پٽ سميت ٻين ڪيترن ئي مغوين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مکي جي آزادي کانپوءِ هندو برادري ڌرڻو ختم ڪيو ته سول سوسائٽي جي ماڻهن احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اهي ٻيهر ڌرڻي تي ويهي رهيا پر ايندڙ ڏينهن ئي ڌرڻي ۾ هڪ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو، جنهن سبب احتجاج ڪندڙن ۽ ڪجهه ٻٽ ٻڌل ماڻهن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي به ٿيا. احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته اهو سڀ ڪجهه پوليس ڪرايو آهي ته جيئن اسان ڌرڻو ختم ڪيون پر جيستائين مغوي آزاد نه ٿيندا اسان ڌرڻو ختم نه ڪنداسين، اڳ ۾ ته پوليس به ان حملي ۾ ملوث هجڻ کان انڪار ڪيو پر جڏهن سوشل ميڊيا تي حملي آورن جون تصويرون پوليس وردين ۾ وائرل ٿيون ته ايس ايس پي امجد شيخ نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ، ايس ايڇ او بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ سميت 6 اهلڪارن کي معطل ڪري انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ايس ايس پي امجد شيخ واضح ڪيو ته اسان جون احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون هلي رهيون هيون ۽ اهي ڪاميابي ڏانهن وڌي رهيون هيون، اهڙي بهتر ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪندس؟ مان ڪنهن تي تشدد جو حڪم نه ڏنو، پوليس وارن جيڪو ڪجهه ڪيو پنهنجي پاران ڪيو پر ان ڪارروائي ۾ ملوث ڪنهن به اهلڪار کي بخش نه ڪيو ويندو، ان واقعي کانپوءِ ڊي سي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ ايس ايس پي جي ڪامياب ڪوشش سان ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، انتظاميا مغوين جي آزادي يقيني بڻائڻ جون خاطريون ڪرايون، جنهن کانپوءِ اهو احتجاج ختم ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.