لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم بنگلاديش طرفان مليل 194 رنسن جو هدف 39.3 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان طرفان فخر زمان ۽ امام الحق اننگز شروع ڪئي، ڏهين اوور ۾ 35 رنسن جي مجموعي اسڪور تي فخر زمان آئوٽ ٿي ويو، هن 20 رنسون ٺاهيون.
16هين اوور ۾ 74 جي مجموعي اسڪور تي قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم به پويلين موٽي ويو، هو رڳو 17 رنسون ٺاهي سگهيو.
پوءِ امام الحق ۽ محمد رضوان ۾ 85 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي، اسڪور 159 تي پهتو ته امام الحق 78 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
ان کانپوءِ رضوان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ آغا سلمان ڪريز تي آيو ۽ ٻنهي ٽيم کي وڌيڪ ڪنهن نقصان بنا ڪاميابي ڏياري ڇڏي.
محمد رضوان 63 ۽ آغا سلمان 12 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا، بنگلاديش جي تسڪين احمد، شريف الاسلام ۽ مهدي حسن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ مهمان ٽيم جا بيٽر هڪٻئي پويان آئوٽ ٿيندا ويا.
بنگلاديش جون 47 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪِري پيون، ان موقعي تي شڪيب الحسن ۽ مشفق الرحيم ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ ٻنهي ففٽيون اسڪور ڪري ورتيون پر ٻنهي جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ پاڪستاني بالرن کي ٻيا بيٽر پويلين موٽائڻ ۾ دير نه لڳي ۽ بنگلاديش جي ٽيم 38.4 اوورن ۾ 193 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
مشفق الرحيم 64 ۽ شڪيب الحسن 53 رنسن سان اڳڀرا رهيا، پاڪستان طرفان حارث رئوف 4، نسيم شاهه 3، شاهين آفريدي، فهيم اشرف ۽ افتخار احمد هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
Next Post
You might also like