ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي ڏئي ملڪي دفاع کي مضبوط ڪيو.
يوم دفاع جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايٽمي پروگرام ڏئي وطن جي دفاع کي يقيني بڻايو، جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏئي دفاع کي مضبوط ڪيو.
هن چيو ته اڄ ڪو دشمن اسان تي حملو ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي، مضبوط دفاع، آئين جي پاسداري ۽ بااختيار پارليامينٽ وطن جي سلامتي جي ضمانت آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان کي وطن جي خوبصورت وادين کي دشمن دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻو پوندو.
Prev Post
You might also like