دبئي ۾ نيون ڪمپنيون رجسٽر ڪرائيندڙن ۾ پاڪستانين جو ٽيون نمبر

سال 2023 جي پهرين ڇهن مهينن دوران دبئي چيمبر آف ڪامرس ۾ 3،395 نين ڪمپنين شموليت اختيار ڪئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان رجسٽرڊ ڪمپنين جي درجابندي ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.
دبئي حڪومت جي ميڊيا آفيس طرفان اربع تي جاري ڪيل هڪ بيان موجب اها واڌ گذريل سال جي ان ئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 59 سيڪڙو وڌيڪ آهي، چيمبر ۾ پاڪستاني ڪمپنين جو ڪُل انگ 40،315 تائين پهچي ويو آهي.
دبئي چيمبر آف ڪامرس، دبئي چيمبرز جي بئنر هيٺ ڪم ڪندڙ ٽن چيمبرن مان هڪ آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان ڀارت 6،717 نين ملڪي ڪمپنين سان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.
ان فهرست ۾ گڏيل عرب امارتن جو ٻيو نمبر آهي، جنهن جون 4،445 نيون ڪمپنيون رجسٽر ٿيون.
دبئي ۾ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ مصر ۽ چين به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.