سنجي دت شادي لاءِ تنگ ڪندو آهي: اميشا پٽيل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل چيو آهي ته سنجي دت 20 سالن کان منهنجي شادي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏيندي اميشا سنجي دت سان پنهنجي دوستي بابت ڳالهايو.
هن چيو ته سنجو منهنجي فيملي جيان آهي، هو مون کي چوندو آهي ته ”اميشا تون هن انڊسٽري لاءِ ضرورت کان وڌيڪ سٺ ڇوڪرين آهين“آئون توکي ڪڍي رهيو آهيان.
اميشا جو چوڻ هو ته سنجي دت چوندو آهي ته تون سادي آهين، معصوم آهين، تون ته تنهنجي شادي ڪرايان.
اداڪارا ٻڌايو ته سنجي دت سدائين منهنجي شادي جي ڪوشش ۾ لڳل رهندو آهي، 20 سالن کان هو مون لاءِ درست رشتو ڳولا رهيو آهي ۽ سدائين چوندو آهي ته ”هيءَ ٻار آهي، هن کي رانديڪا ڏيو، ان جي دل تائين پهچڻ جو اهو ئي رستو آهي“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.