اليڪشن ڪميشن سنڌ جا 6 سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جون تجويزون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت طرفان 6 سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي تجويزن جي مخالفت ڪري ڇڏي.
سنڌ جي نگران حڪومت 6 سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون هيون.
اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر ڪاظم حسين کي ناڻي وارو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، جڏهن ته شيرين مصطفيٰ کي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن مقرر ڪرڻ کان به روڪيو آهي.
چونڊون ڪرائڻ جي مجاز اداري محمد اقبال ميمڻ کي گهرو سيڪريٽري ۽ نياز احمد عباسي کي آبپاشي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي.
ڪميشن نثار عباس کي فوڊ سيڪريٽري ۽ نجم شاهه کي سيڪريٽري فاريسٽ اينڊ وائلڊ لائف سنڌ مقرر ڪرڻ جي تجويز به رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.