ننڍو لباس پائيندڙ عرفي جاويد جا ڪپڙا زبردستي ڦاڙيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ننڍو لباس پائيندڙ ڀارتي اداڪارا عرفي جاويد جا هڪ ڀيري ڪپڙا ڦاڙيا ويا، اهڙو واقعو هن پاڻ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي.

عرفي جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ کيس تمام گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان ئي ڪوشش دوران سندس جنسي استحصال پڻ ٿيو.

هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته هڪ پروڊيوسر ويب سيريز ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

واقعي بابت هن چيو ته مان ان ڳالهه تي قائم هيس ته مون کي ڪو به اعتراض جوڳو منظر عڪسبند ناهي ڪرائڻ ۽ ڊائريڪٽر کي جواب ڏئي ڇڏيو هو پر جيئن ئي سيٽ تي پهتيس ته زبردستي ڪپڙا ڦاڙي مون کي اعتراض جوڳي عڪسبندي لاءِ مجبور ڪيو ويو جنهن بعد مون کي مجبورن اهو سين ڪيو ويو.

عرفي موجب پوءِ هن پوليس کي نشڪايت ڪئي جنهن بعد جوابدار کي جيل موڪليوويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.