ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فاريڪس ايڪسچينج ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ بوستان چيو آهي ته اڄ وڏي عرصي کانپوءِ ڊالر جو اگهه گهٽيو آهي، ان جو ڪريڊٽ آرمي چيف جنرل عاصم منير کي وڃي ٿو، جنهن فاريڪس ڊيلرز کي پيش مسئلا ختم ڪيا.
انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 307 رپين 9 پئسن تي بند ٿيو آهي، حيران ڪندڙ طور اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 5 رپيا ڪِريو ۽ ڊالر وڪري لاءِ 325 ۽ خريداري لاءِ 322 رپين تي اچي ويو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ملڪ بوستان چيو اميد ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڊالر وڌيڪ 10 رپيا سستو ٿيندو، هيءَ وقتي پريشاني آهي، اڄ وزيراعظم به وڌيڪ سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهي.
هن چيو عوام کي درخواست آهي ته اهي بليڪ ۾ ڊالر خريد نه ڪن، اسان جو هڪ ئي مقصد آهي ته بليڪ مارڪيٽنگ جو خاتمو ٿئي ۽ پاڪستاني رپيو مضبوط ٿئي.
You might also like