پ پ بلن ۾ واڌ تي احتجاج ڇو نٿي ڪري، اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ طرفان بجلي جي ڳرن بلن جي معاملي تي احتجاج نه ڪرڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۾ بجلي جي ڳرن بلن جي خلاف احتجاج تي مشاورت ٿي جنهن ۾ قيادت بلن جي معاملي تي احتجاج جي تجويز ڏني هئي.
پ پ جي ذريعن موجب اڳواڻن پارٽي قيادت کي احتجاج جي ڪال نه ڏيڻ جو مشورو ڏنو، اڳواڻن سوال ڪيو ته بجلي بلن جي معاملي تي احتجاج ڪنهن جي خلاف ٿيندو؟
ذريعن موجب اڳواڻن جو چوڻ هو ته اڳوڻي حڪومت جو حصو رهڻ تي احتجاج ڪرڻ مناسب ناهي. هنن مشورو ڏنو ته احتجاج سان پارٽي بابت ناڪاري تاثر اڀرندو، شهري بجلي بلن ۾ واڌ جو ذميوار اڳوڻي حڪومت کي قرار ڏيندا.
اڳواڻن جي قائن ڪرڻ تي قيادت احتجاج جي تجويز واپس وٺي ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.