لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس حساس اداري جو آفيسر بڻجي ناري سان زيادتي ڪرڻ ۽ ان کي بليڪ ميل ڪري 62 لک رپيا ڦٻائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
اقبال ٽائون ۾ جوابدار حساس اداري جو آفيسر بڻجي ناري کي بليڪ ميل ڪري 62 لک رپيا هٿ ڪري ورتا.
پوليس موجب ڇوڪري جي چار مهينا اڳ شفاعت ياسين سان فون تي دوستي ٿي ۽ جوابدار ناري کي ٻڌايو ته هو حساس اداري جو آفيسر آهي.
عملدارن موجب جوابدار ناري کي پنهنجي خالا سان ملرائڻ بهاني هڪ فليٽ ۾ وٺي ويو جتي هن ساڻس جنسي زيادتي ڪئي ۽ وڊيوز به ٺاهيون.
پوليس عملدارن موجب جوابدار ناري کي فحش وڊيوز ۽ تصويرن ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ وقفي وقفي سان ناري کان 62 لک رپيا ڦٻايا.
پوليس متاثر ناري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو ۽جوابدار شفاعت ياسين کي گرفتار ڪيو ويو.