راڻيپور: گونگي ناري جي مبينا اغوا جو ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

راڻيپور ۾ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم ناري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد هڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪچي آبادي ۾ 18 ورهين جي ناري انيسا ناريجو کي مبينا طور تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس جوابدار غفار شاهاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ٻئي پاسي ناري ۽ سندس وارثن کي ڌمڪائڻ لاءِ اسپتال ۾ پڻ مزاحمت ڪئي وئي.
ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته سڱ نه ڏڻ تان ناري کي اغوا ڪيو پيو وڃي.
جوابدار غفار شاهاڻي جو موقف آهي ته ناري جي پيءُ نظير ناريجو ڏانهن سندس پيسا آهن جيڪي ڦٻائڻ لاءِ هو الزام هڻي رهيو آهي.
ٻي پاسي چوٻول آهن ته ناري پنهنجن اشارن سان انڪار ڪري رهي هئي ته کيس ڪنهن به اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي جنهن تي وارثن پاران اسپتال اندر ناري کي مارڪٽ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.