کنڊ مهانگي ٿيڻ جو سبب لاهور هاءِ ڪورٽ جو منع نامو آهي: رپورٽ ۾ انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت کنڊ اگهن ۾ واڌ تي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو سبب لاهور هاءِ ڪورٽ جو منع نامو آهي، ان سان اگهه وڌيا، شگر ملز جا سمورا ڪيس مخصوص عدالت ۾ هلايا ويندا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته کنڊ جي اگهه ۾ وڏي واڌ ڪئي پئي وڃي، شگر ملز، بروڪرز ۽ سٽي بازن ذريعي ناجائز منافعو ڪمايو پيو وڃي، فيصلي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي خوراڪ کاتي ڪابينا لاءِ سمري پيش ڪئي، ڪابينا پنجاب فوڊ سٽفز آرڊر ذريعي اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار ڪين ڪمشنر پنجاب کي ڏنو هو.
رپورٽ جي متن موجب ڪين ڪمشنر ايڪس مل قيمت مقرر ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، ڪرشنگ سيزن دوران ملڪ ۾ ڪُل 7.7 ملين ميٽرڪ ٽن کنڊ پيدا ٿي، 5 ملين ميٽرڪ ٽن کنڊ جو ذخيرو پنجاب ۾ هو، پنجاب جا ذخيرا گڏيل خطي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 4 مئي 2023 تي جسٽس شاهد ڪريم ان اعتراض تي ته اگهه مقرر ڪرڻ جو موضوع صوبائي آهي، ايندڙ تاريخ 20 سيپٽمبر مقرر ڪري ڇڏي، ڪنهن نه ڪنهن بهاني اسٽي آرڊر جي تاريخن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، شگر ملز ۽ سٽي باز هڪ سئو رپيا في ڪلو قيمت وصول ڪري رهيا آهن.
نگران حڪومت جير پورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صوبائي اختياريون کنڊ جي افغانستان ۾ سمگلنگ روڪڻ کان قاصر آهن، سمگلنگ ملڪ ۽ خاص طور پنجاب ۾ کنڊ جي اسٽريٽيجڪ ذخيرن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، اهي ذخيرا ايندڙ سال ۾ کنڊ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هئا، ڪمند جي فصل جي پوکي ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ايندڙ سال پاڪستان کي کنڊ جي درآمد تي وڏو خرچ ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.
رپورٽ جي متن موجب شگر ملز ۽ بروڪرز جي ڳٺ جوڙ سان اگهن ۾ واڌ ٿي، عالمي اگهن ۾ واڌ سبب شگر ملز کنڊ افغانستان سمگل ڪرڻ شروع ڪئي، کنڊ اگهه بروڪر مختلف واٽس ايپ گروپن ذريعي وڌائيندا آهن، کنڊ جي صورتحال ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندي پئي وڃي، اگهه اڃا وڌڻ جو خدشو آهي، منع نامي کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي نه ته صوبو ۽ ملڪ وڌيڪ بحران جو شڪار ٿيندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳڪٿيون ڪندڙن کنڊ مارڪيٽ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، انهن کي ايم پي او تحت حراست ۾ وٺڻ جي ضرورت آهي، شگر ملز، ڊيلرز، بروڪرز، اڳڪٿيون ڪندڙن کنڊ مهانگي کپائي 55 کان 56 ارب رپيا ڦٻايا، هر مل ۾ 5 کان 6 بروڪر هوندا آهن، جيڪي ڊيلرن کي کنڊ وڪرو ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.