گاجي کهاوڙ (ويب ڊيسڪ) گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ ستر ڦلپوٽو ۾ وحشي جوابدار 8 ورهين جي نينگري کي مبينا جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو.
متاثر نينگري کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري شيخ زيد چلڊرين اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کيس کي طبي امداد ڏني وئي.
نينگري جي پيءُ اربيلو ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته جوابدار وڏيري جي اوطاق ۾ لڪيل آهي پوليس گرفتار ناهي ڪري رهي.
هن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيووڃي.
Next Post
You might also like