عاليا ڀٽ جي شڪل اوچتو مٽجي وئي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا عاليا ڀٽ جو مشهور فيشن ميگزين ”ووگ“ جي ڪَوَر لاءِ ڪرايل فوٽو شوٽ سندس سڃاڻپ ۾ ڏکيائي جو سبب بڻجي ويو.
اداڪارا تازو ئي فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ”ووگ“ميگزين جي ڪور شوٽ جي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو گھڻي خوبصورت ته لڳي رهي آهي پر ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن کي ان جي شڪل عاليا ڀٽ جهڙي نٿي لڳي.
تنقيد ڪندڙن جو موقف آهي ته عاليا ڀٽ جي تصوير کي ميگزين ڪور لاءِ ايڊٽ ڪيو ويو آهي ۽ ايڊٽ به ايترو ڪيو ويو آهي جو اداڪارا کي سڃاڻڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Alia Bhatt 💛 (@aliaabhatt)

هڪ واهپيداراداڪارا جي تصوير تي تبصرو ڪندي لکيو ته عاليا جي جون اصل اکيون هوڊڊ آهن جڏهن ته تصوير ۾ سندس اکيون مختلف لڳي رهيون آهن، فوٽو شوٽ ايڊٽرز کي عاليا ڀٽ کي هن جي پنهنجي فيچرز ۾ ئي ظاهر ڪرڻ گھرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.