نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر سنجي منجريڪر پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف مان متاثر ٿي ويو ۽ سندس تعريف ڪرڻ لڳو آهي.
ڀارت خلاف ايشيا ڪپ جي ميچ دوران پاڪستاني فاسٽ بالرن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف جي بهترين بالنگ جي سڀ ڪو تعريف ڪري رهيو آهي.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سنجي منجريڪر به پاڪستاني فاسٽ بالنگ جي شعبي جي تعريف ڪئي آهي پر حقيقت ۾ هو حارث رئوف جي بالنگ مان متاثر ٿيو آهي.
سنجي منجريڪر چيو ته هو بال سوئنگ ڪري سگهي ٿو، 150 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان يارڪر هڻي سگهي ٿو، مان شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه جي نه پر حارث رئوف جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.
سندس موجب حارث رئوف هڪ شاندار ۽ مڪمل فاسٽ بالر آهي، جيڪو اڪثر ريڊار جي هيٺان اُڏندو آهي.
واضح رهي ته ڀارت خلاف ايشيا ڪپ جي ميچ دوران شاهين آفريدي 4، جڏهن ته نسيم شاهه ۽ حارث رئوف 3-3 وڪيٽون ورتيون هيون.
Next Post
You might also like