واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پراسرار اڏام کٽولن، اڻڄاتل خلائي جسمن بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ۽ هاڻ ان ۾ اڳڀرائي جي طور تي آمريڪا ان موضوع تي ڄاڻ ويب سائيٽ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب اڏام کٽولن جن کي (UFOs) چيو ويندو آهي بابت آمريڪا خاص ويب سائيٽ لانچ ڪئي آهي جيڪا ان پراسرار موضوع تي ڄاڻ پيش ڪري ٿي ۽ اها آمريڪي بچاءَ کاتي جي انتظام هيٺ آهي.
آل دومين انوملي ريزولوشن آفيس (اي اي آر او) جي ويب سائيت ۾ چيو ويو آهي ته ان جي ماهرن جي ٽيم آمريڪي حڪومت طرفان اڻڄاتل ۽ بي قائدي وارن مظهرن (VAP) کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي اڳواني ڪري رهي آهي. ويب سائيٽ اڻڄاتل خلائي جسمن کي يا ته هوا ۾ اڏامندي شيءِ جي طور تي بيان ڪري ٿي، يا ٽرانس ميڊيم شيءِ جيڪا هوا ۽ پاڻي جي وچ ۾ موجود هوندي آهي يا پاڻي ۾ ٻڏل شيءِ جهڙوڪ سمنڊن وغيرا ۾.
ان ويب سائيٽ تي هن وقت عوامي طور تي دستياب حل ٿيل VAP ڪيسز بابت محدود ڄاڻ موجود آهي جنهن کي ڪو به برائوز ڪري سگھي ٿو. تصويرون ۽ وڊيوز کانسواءِ رپورٽ ٿيل واقعا ۽ گھڻا پڇيا ويندڙ سوالن جا جواب به موجود آهن. سرڪاري رپورٽ، لکڻيون، پريس رليز ۽ ٻيون وسيلن واريون لنڪس به موجود آهن جيڪي عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھن ٿيون.
پينٽاگون جي ترجمان برگيڊيئر جنرل پيٽ رائيڊز جو چوڻ هو ته بچاءَ کاتو VAPs تي AARO ويب سائيٽ جي ڪم تي آمريڪي عوام سان شفافيت لاءِ پرعزم آهي.
You might also like