ڪراچي واسين لاءِ بُري خبر، بجلي اگهن ۾ وڏي واڌ جي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي لاءِ بجلي وڌيڪ ڏهه رُپيا 32 پئسا في يونٽ تائين مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

نيپرا ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ 2022-23 جي ٽن مختلف ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

حڪومت طرفان نيپرا ۾ جمع ڪرايل درخواست۾آڪٽوبر کان ڊسمبر 2022 جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ 47 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي وئي جڏهن ته جولاءِ کان سپٽيمبر 2022 جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت چار رُپيا 45 پئسا في يونٽ اُڳاڙي جي درخواست ڪئي وئي آهي.

جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اُڳاڙيون سپٽيمبر ۽ آڪٽوبر 2023ع ۾ ڪيون وينديون، اپريل کان جون جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به لاڳو هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.