ڊبل سينچري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ به کنڊ اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري، وڌيڪ مهانگي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ جي ڪيئي شهرن ۾ ڊبل سينچري کانپوءِ به کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.

گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ في ڪلو کنڊ تي پندرنهن رُپيا وڌيا، اڄ وري پندرنهن رُپيا واڌيا ويا، جنهن کانپوءِ في ڪلو کنڊ جي ٻه سئو ويهه رُپين تائين وڃي پهتي آهي.

چئن ڏينهن دوران کنڊ جي قيمت چاليهه رُپيا وڌي چڪي آهي، جڏهن ته چمن ۾ في ڪلو کنڊ ٻه سئو ٽيهه رُپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

ڪراچي ۾ به في ڪلو کنڊ جي قيمت ٻه سئو جڏهن ته لاهور جي اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ 176 رُپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، پر ننڍن دڪانن ۽ بازارن ۾ کنڊ گم ٿي وئي آهي.

سرگوڌا ۾ ٽن ڏينهن دوران کنڊ جي قيمت ۾ في ڪلو 35 رُپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ هڪ ڪلو کنڊي 185 رُپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.