ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائجيريا جي اتر اولهه واري رياست ڪدونا ۾ اڻڄاتل هٿياربندن مسجد ۾ داخل ٿي نمازين تي انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 7 نمازي شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪدونا رياست جي ڏورانهين ڳوٺ جي مسجد ۾ فائرنگ ان وقت ڪئي وئي جڏهن وڏي انگ ۾ نمازي عبادت ڪري رهيا هئا.
جوابدارن سڄي ڪارروائي اطمينان سان ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.
ڪدونا پوليس جي ترجمان منصور هارونه ميڊيا کي ٻڌايو ته حملو ڪندڙن جي ڳولا جاري آهي هيل تائين ڪنهن به شدت پسند جماعت حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.
مسجد ۾ فائرنگ سبب زخمي ٿيندڙ 10 کان وڌيڪ نمازين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻن نمازين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
Next Post
You might also like