دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ٽرافي جي پاڪستان ٽور کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب ورلڊ ڪپ ٽرافي جو پاڪستان ٽور 5 ۽ 6 سيپٽمبر تي ٿيندو، ورلڊ ڪپ ٽرافي 5 سيپٽمبر جي صبح لاهور ويندي، ٽرافي کي تعليمي ادارن، تاريخي ماڳن ۽ شاپنگ مالز ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو.
ان کان اڳ ٽرافي جو پاڪستان ۾ ٽور آگسٽ جي شروعات ۾ شيڊيول ڪيو ويو هو پر ٽور دير جو شڪار ٿيڻ سبب ٽرافي پاڪستان نه آئي هئي.
Next Post
You might also like