هائير ايجوڪيشن ڪميشن يونيورسٽين تي نئين پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يونيورسٽين کي پرڏيهي اين جي اوز سان سڌي ريت معاهدن کان روڪيو ويو.
ايڇ اي سي سربراهه ڊاڪٽر مختيار ملڪ وي سيز ۽ تعليمي ادارن جي سربراهن کي خط لکي پرڏيهي اين جي اوز سان سڌي ريت معاهدا نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
خط موجب پرڏيهي کاتي جي مشاورت بنا عالمي ادارن سان معاهدا ۽ سرگرمي نه ڪئي وڃي، يونيورسٽيون عالمي ادارن سان حساس، سياسي معاملن سميت ٻين مسئلن تي ڪم ڪري رهيون آهن.
ايڇ اي سي سربراهه جو چوڻ آهي ته اهڙن معاهدن سان ملڪي حوالي سان ڪو سٺو پيغام نه پيو وڃي، پرڏيهي کاتي جي خدشن سبب ان قسم جون سرگرميون بند ڪيون وڃن.
ڊاڪٽر مختيار ملڪ يونيورسٽين کي پابند ڪيو آهي ته پرڏيهي وزارت جي اجازت ملڻ کانپوءِ اهڙيون سرگرميون ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.