پنجاب ۾ فحش ڊانس ڏيکاريندڙ ٿيٽر بند

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت فيصل آباد ۽ گوجرانوالا ۾ فحش ڊانس ڏيکاريندڙ ٿيٽر بند ڪري ڇڏيا، آرٽس ڪائونسل جي سربراهن کي به انهن جي عهدن تان برطرف ڪيو ويو آهي.
گوجرانوالا ۽ فيصل آباد ۾ ٿيٽرز ۾ ٿيندڙ فحاشي ۽ اتي ويٺلن کي فحش ڊانس ڏيکارڻ جي شڪايت تي سڌ سماءَ واري وزير عامر مير وڏو ايڪشن ورتو.
سڌ سماءَ واري صوبائي وزير آرٽس ڪائونسل فيصل آباد ۽ گوجرانوالا جي سربراهن کي عهدن تان برطرف ڪري ڇڏيو ۽ فحش ڊانس ڏيکاريندڙ ٿيٽر به بند ڪري ڇڏيا.
عامر مير موجب آرٽس ڪائونسل جا ٻئي سربراهه فن جي نالي تي فحاشي پکيڙيندڙ مافيا کي تحفظ ڏئي رهيا هئا، انهن جي جاءِ تي نوان آفيسر مقرر ڪيا ويندا.
صوبائي حڪومت سڄي پنجاب ۾ آرٽس ڪائونسل جي سربراهن کي اسٽيج ڊرامن جي سخت مانيٽيرنگ جون هدايتون به جاري ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.