ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ٽن اهلڪارن خلاف ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي موجب اهلڪارن جعلي ڇاپي ۾ واپاري کان 3 ڪروڙ رپيا کسيا ۽ ٽيرر فنانسنگ ۽ مني لانڊرنگ جي دعويٰ ڪئي.
ٽن اهلڪارن شهري کي سپر هاءِ وي تان غير قانوني طور حراست ۾ ورتو هو، ذريعن جي دعويٰ آهي ته ڊي آءِ جي سي ڊي ٽي جي حڪم تي ٽنهي اهلڪارن کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پنجاب جو واپاري سونارڪو ڪم ڪندو آهي، جيڪو ڪراچي کان واپس ملتان وڃي رهيو هو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار اهلڪار اي ايس آءِ مظهر، شعيب ۽ احسن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ٽنهي اهلڪارن کي برطرف ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي آهي.
Next Post
You might also like