اڄڪلهه ملڪ ۾ بجلي جي واڌو بلن جي صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، چوويهه ڪلاڪن مان ڏهه کان ارڙهن ڪلاڪن تائين بجلي نه هئڻ باوجود هر مهيني ڳرا بِل ضرور ملن ٿا جنهن جي ڪري نه رڳو غريب ماڻهو پر وچولي طبقي جي ماڻهن جو به جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ گهڻي قدر ماڻهو جڏهن بِل گهٽائڻ ۾ ناڪام ٿي ويندا آهن ته اهي اهڙو ڪو جڳاڙ ضرور ڪندا آهن جنهن سان انهن جي بلن ۾ ٿورو گهڻو فرق ايندو آهي.