ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) راجن پور ضلعي جي قبيلائي علائقي ۾ ناجائز لاڳاپن جي شڪ ۾ هڪ عورت کي سنگسار ڪيو ويو.
نجي ٽي وي موجب اهو افسوسناڪ واقعو چوچا بارڊر ملٽري پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ پيش آيو، عورت تي هڪ ڌارئي مرد سان ناجائز لاڳاپن جو الزام هنيو ويو ۽ ان جي مڙس، ڏير ۽ ٻين گڏجي کيس مٿي ۾ پٿر ۽ ڏنڊا هڻي ماري ڇڏيو.
ٻڌايو ويو آهي ته عورت مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٿڌي تي فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ بارڊر ملٽري پوليس انهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻه سال اڳ به مڙس مقتولا جي ڪردار تي شڪ ڪيو هو ۽ هن ٽانڊن تي گهمي پنهنجي بي ڏوهي ثابت ڪئي هئي.
ذريعن موجب قبيلائي علائقي ۾ اوس نالي هڪ رسم آهي، جنهن ۾ شڪ جي بنياد تي ٽانڊن تي گهمايو ويندو آهي، جيڪڏهن پيرن ۾ ڦلوڪڻا نڪرن ته ڏوهي قرار ڏنو ويندو آهي ۽ نه نڪرن تي بي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻه سال اڳ عورت کي ٽانڊن تي گهمايو ويو هو ۽ ان جي پيرن ۾ ڦلوڪڻا نه نڪتا هئا، جنهن کانپوءِ کيس بي ڏوهه سمجهي ڇڏيو ويو هو.
You might also like