ڪينڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو آهي ته پاڪستان ٽيم ايشيا ڪپ کٽيندي ڇو جو سموري ٽيم ٽورنامينٽ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي.
ڪينڊي ۾ پي سي بي ڊجيٽل ٽيم کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو ته گذريل ايشيا ڪپ هو نه کيڏيو هو پر هن ڀيري سندن تياريون مڪمل آهن، سڄو سال رانديگر مصروف رهيا ۽ ٽيم هر شعبي ۾ سٺو پرفارم ڪيو.
سندس چوڻ هو ته سريلنڪا جون فليٽ وڪيٽون آهن، جيڪي اسپنرن کي مدد ڏينديون آهن پر اسان جا رانديگرن سريلنڪا ۾ ليگ ڪرڪيٽ به کيڏي آهي، ٽيسٽ ۽ افغانستان خلا ف ون ڊي سيريز به ڀرپور انداز ۾ کيڏي آهي، قومي رانديگرن سريلنڪا ۾ ٽنهي فارميٽن جي ڪرڪيٽ کيڏي آهي انڪري اسان کي هتان جي ڪنڊيشن جو اندازو آهي.
"Motivated to perform in this Asia Cup after missing last year’s edition”@iShaheenAfridi on the team dynamics and preparations for #AsiaCup2023.#BackTheBoysInGreen pic.twitter.com/tBZtkNhd33
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) September 1, 2023
فاسٽ بالر چيو ته ٽيم جا رانديگر هڪٻئي کي ڀرپور سپورٽ ڪندا آهن، فيملي کان وڌيڪ وقت ٽيم سان گڏ گذرندو آهي، خوشي آهي رانديگر دل سان ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهن.
شاهين آفريدي چيو ساٿي فاسٽ بالر حارث رئوف جي رول ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڏکيو هوندو آهي ڇو جو کيس جنهن وقت بالنگ لاءِ گهرايو ويندو آهي بال گهڻو سوئنگ ناهي ٿيندو پر حارث رئوف سدائين ٽيم کي ڪاميابي ڏياري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حارث 2018ع کان گڏ ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي ۽ لاهور قلندرز ۾ به سندس جوڙ ميدان ۾ گڏ لهندي آهي، انڪري ٻنهي ذهني هم آهنگي آهي.