پاڪستان ۾ فيسبڪ ۽ انسٽاگرام تي بلو ٽڪ حاصل ڪرڻ ممڪن

ميٽا طرفان فيبروري 2023ع ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته انسٽاگرام ۽ فيسبڪ استعمال ڪندڙ واهپيدار ماهوار فيس ادا ڪري پنهنجي اڪائونٽ کي ويري فائيڊ (يا اڪائونٽ تي بلو تڪ) ڪرائي سگھن ٿا.
هاڻ واهپيدار پنهنجي فيسبڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽس کي ماهوار فيس جي عيوض ويري فائيد ڪرائي سگھن ٿا.
ميڊيا طرفان اڄ کان پاڪستاني واهپيدارن لاءِ اهو پروگرام متعارف ڪرايو ويو آهي.
فيس ڪيتري هوندي؟
جيڪڏهن اوهان پنهنجي فيسبڪ اڪائونٽ تي بلو ٽڪ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان مقصد لاءِ ماهوار 1900 رپيا ادا ڪرڻا پوندا.
اها ماهوار فيس فيسبڪ جي ويب ورجن لاءِ هوندي.
اڪائونٽ تي بلو ٽڪ سان گڏوگڏ سبسڪرپشن پلان تحت واهپيدارن کي خاص فيچرز جهڙوڪ پرو ايڪٽو پروٽيڪشن، ڊائريڪٽ ڪسٽمر سپورٽ ۽ ٻين تائين پهچ به فراهم ڪئي ويندي.
ان سروس لاءِ هن ويب لنڪ تي وڃڻو پوندو.
ڪير بلو ٽڪ لاءِ اهل هوندو؟
ان لاءِ ڪجهه شرط لازمي آهن.
ڪمپني موجب جيڪڏهن اوهان فيسبڪ يا انسٽاگرام تي پنهنجي اڪائونٽ کي سبسڪرپشن پلان تحت ويري فاءِ ڪرايو ٿا ته پوءِ اوهان پروفائيل نيم، يوزر نيم، ڄم جي تاريخ يا پروفائل فوٽو کي تبديل نه ڪري سگھندا.
واهپيدارن طرفان ڪنهن به تبديلي جي ڪوشش کي ڪمپني طرفان بلاڪ ڪيو ويندو، جيڪڏهن اهي ائين ڪرڻ چاهين ٿا ته کين سبسڪرپش پلان جي رڪنيت ڇڏڻي پوندي.
اهڙيءَ طرح ميٽا ويري فائيڊ جو حصو بڻجڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ عمر 18 سال هوندي ۽ واهپيدار کي سڃاڻپ ڪارڊ جي اهڙي ڪاپي جمع ڪرائڻي پوندي جيڪا فيسبڪ يا انسٽاگرام تي واهپيدر جي فوٽو سان ملندي هجي.
هر اڪائونٽ ۾ 2 فيڪٽر authentication کي ٽرن آن ڪرڻ به لازمي هوندو جڏهن ته اڪائونٽس تي ڪجهه پوسٽس ڪرڻ به ضروري هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.