نيب قانون ۾ ترميمن بعد ڪنهن ڪيترو فائدو حاصل ڪيو، تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو نيب قانون ۾ ترميمن مان فائدو ماڻيندڙ جوابدارن بابت رپورٽ سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

نيب ترميمن ذريعي هلندڙ سال فائدو حاصل ڪندڙن جا تفصيل سُپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا جنهن موجب هلندڙ سال ٽيهه آگسٽ تائين ٻارنهن ريفرنس نيب عدالتن مان منتقل ٿيا.

رپورٽ موجب، ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻو وزيرِ اعظم شاهد خاقان عباسي به شامل آهن.

خورشيد انور جمالي، منظور قادر ڪاڪا ۽ خواجا انور مجيد جا نيب ڪيس منتقل ٿيا، جعلي اڪائونٽس ڪيس جي مک جوابدار حسين لوائي جو ڪيس به نيب جي دائري مان نڪري ويو.

آصف زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس احتساب عدالت قانون ۾ ترميمن کانپوءِ واپس ڪري ڇڏيو اومني گروپ جي عبدالغني مجيد خلاف نيب ڪيس به احتساب عدالت مان واپس ٿي ويو.

هلندڙ سال مجموعي طور تي ٻاويهه ڪيس احتساب عدالتن مان واپس ٿيا، جڏهن ته ترميمن جي روشني ۾ پنجويهه ڪيس ٻين فورمز ڏانهن منتقل ڪيا ويا.

احتساب بيورو طرفان رپورٽ سُپريم ڪورٽ ۾ جاري نيب ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران جمع ڪرائي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.