نونهال، صافي ۽ روح افزا شربت سميت مختلف صحتبخش نسخا ٺاهيندڙ اداري همدرد ليبارٽريز جي سيلز ڊائريڪٽر مبينا طور هڪ ايريا مئنيجر کان حياتي کسي ورتي.
همدرد ليبارٽريز ساهيوال ۾ ايريا مينيجر طور ڪم ڪندڙ سرفراز احمد دل جو دور پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سرفراز احمد کي سندس جي ساهيوال کان بهاولپور ۾ بدلي ٿيڻ جي صدمي جي ڪري دل جو دورو پئجي ويو جنهن جي ڪري هو زندگي وڃائي ويٺو