آءِ فون 15 سيريز کي متعارف ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو

جيڪڏهن توهان ايپل جي نئين آءِ فونز جا منتظر آهيو، سٺي خبر اها آهي ته انهن کي جاري ڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ايپل 12 سيپٽمبر اڱاري ڏينهن آئي فون 15 سيريز سميت ٻيا ڊوائيس متعارف ڪرائيندو.

ان کان اڳ گذريل سال آئي فون 14 ۽ ايپل واچ الٽرا 7 سيپٽمبر تي متعارف ڪرايا ويا هئا.

توقع  آهي ته آئي فون 15 سيريز جا هن سال 4 نوان ماڊل متعارف ڪرايا ويندا.

نئين سيريز آئي فون 15، آئي فون 15 پلس، آئي فون 15 پرو ۽ آئي فون 15 پرو ميڪس تي مشتمل هوندي.

آئي فون 15 سيريز سان گڏ، نئين ايپل واچ، ايئر پوڊس ۽ iPad ٽيبليٽ پڻ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

اهڙي طرح ايپل جي پهرين Augmented Reality Headset Vision Pro جا پڻ وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ جو امڪان آهي.

هيڊ سيٽ 2024 جي شروعات ۾ گراهڪن لاءِ دستياب هوندو.

ڇا آئي فون 15 سيريز ۾ ڪجهه نئون هوندو؟

ليڪس جي مطابق، آئي فون 15 سيريز جا ماڊل گھڻي حد تائين گذريل سان جي آءِ فونز جيان نظر ايندا.

پر هن سال جي  سڀني آئي فونز ڊسپلي ڊائنامڪ آءِ لينڊ ڊزائن موجود هوندي، جيڪا گذريل سال آئي فون 14 پرو ماڊل تائين محدود هو.

آئي فون 15 ۽ آئي فون 15 پرو ۾ 6.1 انچ ڊسپلي هوندي، جڏهن ته آئي فون 15 پلس ۽ آئي فون 15 پرو ميڪس ۾ 6.7 انچ ڊسپلي هوندي.

ڪجهه وقت اڳ، هڪ ليڪ ۾ ٻڌايو ويو هو ته آئي فون 15 پرو ميڪس جي سامهون واري ڊسپلي ۾ هن وقت موجود ڪنهن به سمارٽ فون کان ننڍا بيزل هوندا.

آئي فون 15 پرو ميڪس وٽ بيزل سائيز صرف 0.06 انچ هوندي.

ڪيمرا سيت اپ

ايپل جي حوالي سان مستند تفصيل فراهم ڪندڙ ڪارمنگ چي ڪيو موجب آءِ فون 15 پرو ميڪس ۾ پيري اسڪوپ ٽيلي فوٽو ڪيمرا لينس متعارف ڪرايو ويندو.

اهڙيءَ طرح جو ڪيمرا لينس وڌيڪ بهتر آپٽي4ل زوم ۾ فراهم ڪندو آهي ۽ آءِ فون 15 پرو ميڪس جي ڪيمرا 6x آپٽيڪل زوم جي صلاهيت سان ليس هوندي.

ان جي ڀيٽ ۾ آءِ فون 14 پرو ميڪس ۾ 3x آپٽيڪل زوم جو آپشن موجود آهي.

هڪ ٻي ليڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ فون 15 پرو ميڪس ۾ ٽيلي فوٽو ڪيمرا Variable زوم لينس هوندو

هڪ ٻي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن ڀيري پرو ماڊلز ۾ 48 ميگا پڪسل ڪيمرا هوندي، جيڪو ايپل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ڪئميرا سينسر هوندو.

USB چارجنگ پورٽ جي آمد

اها اُها تبديلي آهي جنهن جا ڪيترن ئي سالن کان افواه هلندڙ هئا، پر 2023 ۾ ائين حقيقت ۾ ٿيڻ وارو آهي.

اهو 11 سالن ۾ پهريون ڀيرو هوندو جڏهن ايپل آئي فونز ۾ اهڙي تبديلي ڪندو.

پرو ماڊلز لاءِ ريم پاور جو واڌارو

هڪ ليڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئي فون 15 سيريز پرو ماڊلز جي ريم کي 6GB کان 8GB تائين وڌايو ويندو جڏهن ته نئون A17 بايونڪ پروسيسر انهن ڊوائيسز جو حصو هوندو.

ان جي ڀيٽ ۾ آئي فون 15 ۽ 15 پلس ۾ 6GB ريم هجڻ جو امڪان آهي.

قيمت ڇا هوندي؟

هن سال ڪجهه نون آئي فونز جي قيمت ۾ واڌ جو امڪان آهي.

گهڻو ڪري، آئي فون 15 جي قيمت ساڳئي سال جي ماڊل وانگر هوندي، پر پرو ماڊل ضرور وڌيڪ قيمتي هوندا.

بهرحال اهو واضح ناهي ته قيمت ۾ ڪيترو اضافو ٿي سگهي ٿو پر مختلف ليڪس موجب آئي فون 15 پرو ۽ 15 پرو ميڪس جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ $100 تائين وڌي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.