ملتان (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي بيٽر هاشم آملا جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ملتان ۾ جاري ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ ۾ نيپال خلاف سينچري ٺاهي بابر اعظم هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
بابر اعظم سڀ کان گهٽ اننگز ۾ 19 سينچرين جو رڪارڊ جوڙي ورتو، بابر ڪيريئر جي 102هين اننگز ۾ پنهنجي 19هين سينچري اسڪور ڪئي، ڏکڻ آفريقا جي هاشم آملا 19هين سينچري 104هين اننگز ۾ هنئي هئي.
بابر اعظم ان کان اڳ 97هين اننگز ۾ 18هين سينچري اسڪور ڪئي هئي ۽ 100 کان گهٽ اننگز ۾ 18 سينچريون ڪندڙ پهريون بيٽر بڻيو هو.
بابر 13هين، 14هين، 15هين، 16هين، 17هين سينچري به گهٽ اننگز ۾ اسڪور ڪئي هئي، هن شروعاتي 10 سينچريون 68 اننگز ۾ ڪيون، پوءِ 34 اننگز ۾ 9 سينچريون اسڪور ڪيون.
ان فهرست ۾ هاشم آملا کانپوءِ ويرات ڪوهلي جو نالو اچي ٿو، جنهن 124 اننگز ۾ 19 سينچريون اسڪور ڪيون.
You might also like