نوشهرو فيروز ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جي شاگردن پيپلز اسڪول جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
شاگردن پريس ڪلب پهچي ميڊيا کي ٻڌايو ته پيپلز اسڪول جي انتظاميه غريبن شاگردن ۽ سرڪاري اسڪول جي شاگردن کي ايڊميشن نٿي ڏئي من پسند ٻارن کي ايڊميشن ڏئي سنڌ حڪومت جي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته پيپلز اسڪول جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري غريب شاگردن کي داخلا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
You might also like