بابر اعظم ”نئين دوست“ ٺاهي ورتي، تصوير جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي ”نئين دوست“ سان گڏ تصوير شيئر ڪري ڇڏي.
بابر اعظم جا چاهيندڙ سڄي دنيا ۾ آهن ۽ هو سوشل ميڊيا تي به مداحن کي پنهنجي سرگرمين کان آگاهه ڪندو رهندو آهي.
بابر اعظم تازو ٽوئيٽر تي هڪ تصوير جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس پنهنجي نئين دوست ٻلي سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو.

قومي ٽيم جي ڪپتان ڪيپشن ۾ لکيو ته ”مان ڪالهه ئي نئين دوست ٺاهي آهي“.
بابر اعظم جي پوسٽ تي مداحن طرفان دلچسپ ردعمل جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.