حڪومت کنڊ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي کنڊ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کنڊ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي سمري تي اي سي سي کنڊ جي برآمد تي پابندي جي منظوري ڏني.
واضح رهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.