لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي مون کي ڏک آهي ته عوام بجلي بلن ۾ واڌ جهڙين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، نواز شريف ئي عوام کي مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ کان بچائيندو.
لاهور ۾ ن ليگ وومين يوٿ ونگ جي عهديدارن سان گفتگو ۾ مريم نواز چيو ته ن ليگ گذريل 16 مهينن ۾ پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو، هاڻ عوام کي مهانگائي کان به اسان ئي بچائينداسين.
هن چيو ته نواز شريف اڳ به عوام کي مهانگائي، دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏيارو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ کان بچائيندو، نواز شريف ئي پاڪستان جي ترقي جي ضمانت آهي.
سندس چوڻ هو خواهش آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ نوجوانن کي وڌيڪ پارٽي ٽڪيٽون ڏنيون وڃن، شاگرد ن ليگ جي ليڊرشپ کي ئي پسند ڪندا آهن، ن ليگ ملڪ جي سڀ کان وڏي يوٿ ۽ عورتن جي جماعت بڻجي چڪي آهي.
Next Post
You might also like