عدالت نيب کي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.
مڪيش ڪمار طرفان خوراڪ ۽ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۾ ٿيندڙ نيب انڪوائرين ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.
مڪيش ڪمار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب طرفان اڃا تائين ڪال اپ نوٽيس وصول ناهي ٿيو، ميڊيا ذريعي نوٽيس جي خبر پئي آهي، تنهن ڪري خدشو آهي ته نيب گرفتار نه ڪري.
عدالت نيب کي مڪيش ڪمار جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو ۽ سندس 12 سيپٽمبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته مڪيش ڪمار کي خوراڪ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي انڪوائرين ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي ۽ اڳوڻو صوبائي وزير نيب سان جاچ ۾ سهڪار ڪري.
عدالت نيب اختيارين کان ايندڙ ٻڌڻي تي انڪوائري جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.