صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي: امتياز شيخ بجلي اگهن ۾ لاٿ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي توانائي واري وزير امتياز شيخ بجلي بلن ۾ واڌ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عوام بجلي جا مهانگا بل ڀرڻ جي سگهه نٿو رکي، نگران حڪومت فوري طور تي بجلي جي اگهن ۾ 15 کان 20 رپيا لاٿ ڪري.
پنهنجي بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته بجلي اگهن ۾ تمام گهڻي واڌ تي عوامي احتجاج ڳڻتي جوڳو آهي، گهريلو واهپيدارن لاءِ رليف جي حد 200 يونٽن مان وڌائي 300 يونٽ ڪئي وڃي، جڏهن ته آفيسر شاهي ۽ سرڪاري ملازمن جي مفت بجلي جي سهولت ختم ڪئي وڃي.
هن چيو ته عوام بجلي جا مهانگا بل ڀرڻ ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جو وڌيڪ بار کڻڻ جي سگهه نٿو رکي، تنهن ڪري نگران حڪومت فوري طور تي بجلي جي اگهن ۾ 15 کان 20 رپين تائين لاٿ ڪري، بجلي جي بلن ۾ لاڳو واڌو ٽيڪس فوري طور تي واپس ورتا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.